ڌنڌلا چهرا

ڌنڌلا چهرا

ڌنڌلا چهرا

ڌنڌلا چهرا (ڪتاب): سنڌي ٻوليءَ جي صف اول جي ڪهاڻيڪار ۽ ناول ڪرشن کٽواڻيءَ جي ڪهاڻين جي هن ڪتاب ۾ سندس اٺ ڪهاڻيون:
(1) ڌنڌلا چهرا، (2) ٻه اڪيلا انسان، (3) ٻئي ديس ۾، (4) هوءَ ڊڄڻي هئي،
(5) تون ڪوڙو آهين، (6) ماءُ ۽ ڌيءُ، (7) مان قرضدار آهيان ۽ (8) ٻه ڀائر- شامل آهن.
سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن، الهاس نگر طرفان ڇپيل هي ڪرشن کٽواڻيءَ جي ڪهاڻين جو چوٿون ڪتاب آهي. ڪتاب جو پبلشر نارائڻ ڀارتي ڪتاب بابت لکي ٿو ته، ”ڪرشن کٽواڻيءَ جي ڪهاڻين جو هي چوٿون مجموعو آهي. اڪيلي، ٻپهري، منهنجا ماروئڙا ۽ ڌنڌلا چهرا. . . پڙهندڙن کي محسوس ٿيندو ته انهن چئني مجموعن ۾ آيل ڪرشن جون ڪهاڻيون نه فقط جدا جدا آهن، پر هر ڪهاڻيءَ جو ماڳ ۽ مقصد به الڳ الڳ آهي، پوءِ به جان هڪ آهي. ڪرشن گهر ۾ هجي يا ٻاهر، هُن جي نظر دُور دُور تي پئجي رهي آهي. ڀارت ۾ هو ته ’اڪيلي‘ ڪهاڻيون آيون. پاڪستان سنڌ ويو ته ’منهنجا ماروئڙا‘، وري جي آمريڪا ويو ته ’ڌنڌلا چهرا‘ جون ڪهاڻيون آيون.“
هي ڪهاڻيون ڪئناڊا جي ٽورنٽو شهر ۾ لکيل آهن، جتي ڪرشن کٽواڻيءَ (بقول سندس) ٽي مهينا هڪ بند ڪمري ۾ ڪتابن سان گڏ گهاريا، ان عرصي ۾ سؤ کان مٿي ڪتاب پڙهيو. 25 کان مٿي وڊيو فلمون ڏٺائين، 10 ڪهاڻيون، هڪ ناول ۽ هڪ ناٽڪ لکيائين.
ڊيمي سائيز جي 100 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن، الهاس نگر پاران نارائڻ ڀارتيءَ، 1993ع ۾ ڇپايو آهي ۽ ڪتاب جي قيمت صرف 30 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو